اليڪشن ڪميشن ماڊل ٽائون سانحي جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ

election

اليڪشن ڪميشن ماڊل ٽائون سانحي جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل  قرار ڏيڻ لاءِ پاڪستان عوامي تحريڪ جي استدعا رد ڪندي سمورين سياسي پارٽين کان ايندڙ ٻڌڻي تي وڌيڪ دستاويز پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جو چوڻ آهي ته ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن کي به نااهل قرار نٿو ڏئي سگهجي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بينچ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ ۽ عوامي مسلم ليگ پاران داخل ڪرايل ريفرنسز تي ٻـُڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن پاران ڪيس جي ڪارروائي ان ڪيمرا هلائي وئي ۽ ميڊيا کي داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.

ٻڌڻيءَ دوران دليل ڏيندي پيپلزپارٽي جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته جيڪڏهن پ پ جو وزيراعظم نااهل ٿي سگهي ٿو ته پوءِ نواز شريف کي ڇو نٿو ٿو نااهل قرار ڏئي سگهجي؟.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته يوسف رضا گيلاني کي توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو ويو، هـِي توهين عدالت نه پر ڪرپشن جو ڪيس آهي.

 پ پ جي لطيف کوسا چيو ته ڪرپشن توهين عدالت کان وڌيڪ ڏوهه آهي، وزيراعظم لنڊن ۾ پنهنجي اولاد کي فليٽ وٺي ڏنا آهن پر ملڪ ۾ عوام اجهي لاءِ به پريشان آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر پاناما ليڪس تي سوال اٿاريندي چيو ته پاناما معاملو ڇا آهي، ان جي قانوني ۽ اخلاقي حيثيت ڪهڙي آهي، ان حوالي سان ٻڌايو وڃي.

ٻڌڻيءَ دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم خلاف ڪيس چونڊ تڪرار نه آهي، آئين عوامي نمائندن جي اهليت جا نقش واضح ڪري ٿو، آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت ڪنهن به ڪوڙي شخص کي عوامي نمائندگي جو حق نٿو ڏئي سگهجي.

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ ڪنهن به ميمبر پاران جمع ڪرايل ڄاڻ ان جي ڪردار جو تعين ڪندي آهي، ڪميشن وٽ ڪنهن به اميدوار پاران جمع ڪرايل دستاويزن جي جاچ پڙتال جو اختيار آهي.

عوامي تحريڪ جي وڪيل چيو ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ وزيراعظم خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، ان ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

اليڪشن ڪميشن ماڊل ٽائون سانحي تي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ بابت عوامي تحريڪ جي استدعا رد ڪندي ڪارروائي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن چئني سياسي پارٽين جي وڪيلن کي پاناما ليڪس بابت دستاويز جمع ڪرائڻ ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي دليل به جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*