پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري سان ملاقات لاءِ دبئي روانو ٿي ويو

bilwal zardari

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آصف زرداري سان ملاقات لاءِ دبئي روانو ٿي ويو، رينجرز جي اختيارن، سنڌ ڪابينا جي ٻئي مرحلي جي جوڙجڪ ۽ ٻين معاملن تي مشاورت جا امڪان آهن.

پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي کان دبئي روانو ٿي ويو آهي، جتي سندس والد ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب ملاقات دوران رينجرز جي مقرري ۽ اختيارن ۾ واڌ ۽ سنڌ ڪابينا جي ٻئي مرحلي جي جوڙجڪ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو.

ملاقات دوران پيپلز پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ۽ مڪاني ادارن جي چيئرمينز ۽ وائيس چيئرمينز جي نامزدگي واري معاملي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

ذريعن موجب پ پ چيئرمين دبئي ۾ ٻن جي قيام بعد واپس ڏيهه ايندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*