ماتلي ۾ نادرا عملي جي اڍنگي رويي ۽ مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

Matli-Nadra-Protest-3816

ماتلي ۾ نادرا عملي جي اڍنگي رويي ۽ مبينا ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهرين رفيق ميمڻ، جميل ڪمبوه، مختيار زنگيجو، شاڪر چانڊيو، راجا سوٽهڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته نادرا آفيس ماتلي ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي وئي آهي، شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کان پئسا وصول ڪيا پيا وڃن.

هنن چيو ته شڪايت ڪرڻ تي آفيس جو انچارج بدتميزي ڪري ڌڪا ڏيارائي آفيس مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏي ٿو، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو ته نادرا آفيس جي عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*