جرمني جي مختلف شهرن ۾ اسلامائيزيشن خلاف يورپي تنظيم پيگيڊا پاران ريليون ڪڍيون ويون

جرمني جي مختلف شهرن ۾ اولهه جي اسلامائيزيشن خلاف اسلام مخالف يورپي تنظيم پيگيڊا ۽ ان تنظيم جي مخالفن ريليون ڪڍيون.

عملدارن موجب ڊريسين ۾ اسلام مخالف يورپي تنظيم پيگيڊا 18 هزار ماڻهن تي مشتمل هڪ ريلي ڪڍي.

اسلام مخالف يورپي تنظيم پيگيڊا پاران اهڙيون ريليون آڪٽوبر مهيني کان ڪڍيون پيون وڃن.

جرمني جي شهر اسٽٽگرٽ ۽ ٻين شهرن ۾ 22 هزار ماڻهن پاران يورپي تنظيم پيگيڊا خلاف ريلي ڪڍي وئي.

اسلام مخالف يورپي تنظيم پيگيڊا جي دعويٰ آهي ته جرمني تي هڪ لحاظ کان مسلمانن ۽ ٻين پناهگيرن قبضو ڪري ورتو آهي.

اختيارين موجب جرمني ۾ گذريل سال پناهگيرن جي تعداد ۾ ٻين يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ اضافو ٿيو ۽ ان جو سبب شامي پناهگيرن جي جرمني ۾ آمد کي قرار ڏنو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*