مدئجي ۾ سي آءِ اي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو

Mandaji-Police-Agiast-3816مدئجي ۾ سي آءِ اي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ نوجوان کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف وارثن احتجاج ڪندي انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

ڳوٺ محمد رمضان بروهي جي رهواسين سي آءِ اي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نورحسن عرف فتو بروهي واري خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

مارجي ويل نوجوان جي پيءُ گل حسن بروهي ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان کي 3 ڏينهن اڳ گهران گرفتار ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته سندن نوجوان ڏوهاري نه هو نه ئي سندس خلاف ڪيس يا اين سي داخل هئي، نوجوان کي بيگناهه قتل ڪري ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته سندن برادري جي ماڻهن سان سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جن سندن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن ۽ هو کين قتل جون ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن.

هنن مطالبو  ڪيو ته نوجوان جي جڙتو مقابلي جي جاچ ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*