سيتاروڊ ۾ شهرين سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، شهرين سڀاڻي شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو

Seta-Road-Protest-3816

سيتاروڊ ۾ شهرين سيپڪو جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، شهرين سڀاڻي شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي.

شهرين هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف علي رضا پليپوٽو، اصغر رند، پنهل جانوري، غلام محمد سيال، منور ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ريلوي اسٽيشن آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته قهر جي گرمي دوران ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ٽرپنگ شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.

هنن چيو ته سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ ڪري سيال پاڙو، امام بارگاه محلو، سولنگي ۽ چانڊيا پاڙن جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آھن.

هنن مطالبو ڪيو ته سيپڪو جي مقامي عملي کي هٽائي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رکي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*