تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اشارو

Imran-Khan-PTI-3816

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاناما ليڪس معاملي تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته احتساب جي ڳالهه ڪرڻ تي کين چيو پيو وڃي ته هو ته فوج کي گهرائي رهيا آهن، جيستائين حڪمرانن جو احتساب نه ٿيندو تيستائين تحريڪ احتساب نه رڪبي.

بني گالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته 7 آگسٽ کان پشاور مان نڪرندڙ تحريڪ احتساب ريلي اٽڪ تائين هوندي، نوازشريف کان جواب گهرون ٿا ته اهو ٻي ڪهاڻي شروع ڪري ڇڏي ٿو، نيب به وڏن چورن ۾ هٿ نه وجهي رهيو آهي ۽ رڳو ننڍا چور پڪڙ ۾ اچي رهيا آهن.

عمران خان چيو ته نوازشريف اهو ثابت نه ڪري سگهيو آهي ته لنڊن ۾ فليٽن جي خريداري لاءِ هن پيسا ڪٿان آندا ۽ هتان پيسا ڪيئن پرڏيهه ويا.

هن چيو ته سياستدانن جو احتساب لاءِ جمهور وٽ وڃڻ جمهوريت جو حسن آهي ۽ جيڪي کين چئي رهيا آهن ته اسان فوج کي سڏي رهيا آهيون انهن کي جمهوريت جي خبر نه آهي، نوازشريف کي اسان جي ٽي او آرز تي جواب ڏيڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته پاناما ليڪس اپوزيشن نه پر صحافين جي هڪ تنظيم ڪئي آهي ۽ جمهوريت ۾ وزيراعظم توڙي ڪابينا پارليامينٽ ۾ جوابده هوندي آهي پر هتي هيءُ جواب نه ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته لنڊن ۾شريف خاندان جيڪي فليٽ خريد ڪيا آهن انهن جون رجسٽريون وٽن موجود آهن ۽ نوازشريف کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي ئي فارغ ٿيڻ گهرجي.

عمران خان چيو ته هو هن وقت احتجاجي تحريڪ نه هلائي رهيا آهن پر عوام کي متحرڪ ڪري رهيا آهن، فوج جي پيداوار کين چون پيا ته اسان فوج کي گهرايون پيا.

پي ٽي آءِ سربراهه جو چوڻ هو ته 2013ع واري چونڊ بوگس هئي ۽ هو جن 4 تڪن جي ڳالهه ڪري رهيا هئا اتي وڏي پيماني تي ڌانڌلي ثابت ٿي آهي.

عمران خان چيو ته هو نيب ۽ اليڪشن ڪميشن کي ٽيسٽ ڪري رهيا آهن ۽ پاناما ليڪس واري معاملي تي سپريم ڪورٽ سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو.

هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ پشاور کان اٽڪ تائين وڃي رهيا آهيون ٻيو مرحلو پنڊي کان اسلام آباد تائين هوندو جتي ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان ڪندس.

عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف سڄي دنيا آواز اٿاريو پر نوازشريف ڀارت ۾ ڪاروباري مفاد هئڻ سبب خاموش رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*