بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ڪيل 3 جوابدار ڦريل قومي ناڻو واپس ڪرڻ سان گڏ صوبي جي ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي خلاف سلطان شاهد ٿي ويا آهن

mushtaq raisani

بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نيب هٿان گرفتار ڪيل 3 جوابدار ڦريل قومي ناڻو واپس ڪرڻ سان گڏ صوبي جي ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي خلاف سلطان شاهد ٿي ويا آهن، نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سلطاني شاهد بڻيلن ۾ سليم شاهه، نديم اقبال ۽ طارق علي شامل آهن.

نيب بلوچستان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ 3 گرفتار جوابدار سلطاني شاهد ٿي ويا آهن، جن لٽيل قومي ناڻو ۽ ملڪيت واپس ڪئي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٽنهي جوابدارن ڏوهه تسليم ڪندي احتساب عدالت ۾ پنهنجو بيان به رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي ۽ ٽنهي ڄڻن سهولتڪارن جا نالا  ۽ ڪرپشن بابت به سچ ٻڌائي ڇڏيو آهي.

بلوچستان جي ناڻي واري اڳوڻي سيڪريٽري مشتاق رئيساڻي جي گهران ڪروڙين رپيا هٿ اچڻ بعد نيب پاران معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ اڳوڻو صلاحڪار خالد لانگو ۽ مشتاق رئيساڻي به گرفتار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*