اليڪشن ڪميشن غوث علي شاهه جي نواب وساڻ جي بحالي خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن نواز ليگ اميدوار غوث علي شاهه جي نواب وساڻ جي بحالي خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

غوث علي شاهه نواب وساڻ جي بحالي واري نوٽيفڪيشن کي اليڪشن ڪميشن ۾ چئلينج ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ سندس ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو پر نواب وساڻ جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو.

غوث علي شاهه درخواست ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ناهي ڏنو.

اليڪشن ڪميشن غوث علي شاهه جي درخواست رد ڪندي کيس چيو ته اوهان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪريو ۽ اليڪشن ڪميشن سيٽ خالي نٿي رکي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*