ملڪ کي بربادي طرف ڌڪيندڙ جو ذميوار پرويز مشرف آهي، مشرف کي ساٿين سميت ڪٽهڙي ۾ بيهاري ملڪي بربادي جو پڇيو وڃي، وزيراعظم نواز شريف

Nawaz-Sharif-cabnet-4816

وزيراعظم نواز شريف هلندڙ سال آءِ ايم ايف جي پروگرام کي خدا حافظ چوڻ جو اعلان  ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي بربادي طرف ڌڪيندڙ جو ذميوار پرويز مشرف آهي، مشرف کي ساٿين سميت ڪٽهڙي ۾ بيهاري ملڪي بربادي جو پڇيو وڃي، ڪجهه ماڻهن جو مقصد رڳو اقتدار تي قبضو ڪرڻ آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته ڪير ملڪ جي ترقي ۽ ڪير ڏڦيڙ واري سياست ڪري پيو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت مخالف اعلانيل تحريڪ ۽ ٽي او آر ڪميٽي مان ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ سميت ملڪ معاملن تي غور ڪيو  ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مسلم ليگ نون جو رڪارڊ آهي ته ان هميشه ترقي واري سياست ڪئي آهي، حڪومت نه صرف  اڄ کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر مستقبل روشن بڻائڻ لاءِ به پر عزم آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته 2001 ۾ وڏن ماڻهن سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر عوام مسلم ليگ نون کي ڪامياب ڪيو، جڏهن ته گلگت بلتستان جي چونڊ، مڪاني چونڊن، ڇانوڻي بورڊس ۽ هاڻي آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ به عوام ن ليگ تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ڪاميابي تاريخ آهي، حڪومت کي پنهنجي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز  ڪري هڪ نئين جذبي سان آخري ٻن سالن ۾ ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.

هـُن چيو ته 2013 ۾ جڏهن ن ليگ جي حڪومت آئي ته ملڪ ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو هو، پر حڪومتي ڪوششن سان گڏ دهشتگردي جو خاتمو آڻي توانائي بحران تي به ضابطو آندو ويو آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪاميابي ڌرڻن سان نه پر ڪجهه ڪرڻ سان ملندي آهي، ملڪ جي بربادي جو ذميوار پرويز مشرف آهي، کيس گهرائي برباديءَ جو پڇيو وڃي.

وزيراعظم چيو ته 2013 ۾ پاڪستان ڊيفالٽ هئڻ جي ويجهو هو پر اڄ پري پري تائين ان جو نالو نشان ئي موجود ناهي، هلندڙ سال اسان خوشي دلي سان آءِ ايم ايف جي پروگرام کي خدا حافظ ڪنداسين.

ڪراچي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ڪراچي جون حالتون ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهي، اتان جي شهرين کان امن امان بابت پڇيو وڃي……………………

.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*