ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ پوسٽ آفيس جي گودام ۾ باهه لڳي وئي

Sadar-Ghudam-Fire-4816

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ پوسٽ آفيس جي گودام ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ضابطي لاءِ فائر برگيڊ جون 5 گاڏيون ڪوششن ۾ رڌل آهن.

ريگل چوڪ وٽ پوسٽ آفيس جي گودام ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سموري عمارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي پهچي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر 2 ڪلاڪ گذرڻ باجود ڪا ڪاميابي نه ملي سگهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ 3 گاڏيون گهرايون ويون.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جڏهن ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*