وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سارڪ گهرو وزيرن جي ڪانفرنس دوران ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي موجودگي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

rajnat and chodhri nisar

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سارڪ گهرو وزيرن جي ڪانفرنس دوران ڀارتي هم منصب راجناٿ سنگهه جي موجودگي ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي دهشتگردي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، چوڌري نثار چيو آهي ته معصوم ٻارڙن ۽ شهرين تي تشدد دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو.

اسلام آباد ۾ سارڪ ملڪن جي گهرو وزيرن جي ستين ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ ڀارتي گهرو وزير راجناٿ سنگهه، افغانستان، مالديپ، ڀوٽان، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن جي گهرو وزيرن شرڪت ڪئي.

ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته آزادي جي جدوجهد ۽ دهشتگردي ۾ فرق آهي، دهشتگردي جو هر واقعو مذمت جوڳو عمل آهي.

هـُن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ معصوم ٻارڙن ۽ شهرين تي تشدد وحشياڻي تشدد جي زمري ۾ اچي ٿو، معصوم ٻارڙن، عورتن ۽ عام شهرين تي تشدد دهشتگردي آهي.

چوڌري نثار چيو ته 6ڏهاڪن کان الزامن جي روش ۾ ڪنهن کي به فائدو ناهي پهتو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته الزام لڳائڻ بدران بامقصد ڳالهيون ڪيون وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته سارڪ ملڪ منشيات جي خاتمي ۽ امن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا.

چوڌري نثار چيو ته سارڪ ملڪن کي خطي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پر امن ايشيا لاءِ سازگار ماحول جوڙي گڏيل ڪوششون وٺڻيون پونديون.

وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان سازڪ کي ڪامياب تنظيم ڏسڻ چاهي ٿو، ميمبر ملڪن کي مسئلن جي حل لاءِ جوڳيون سفارشون پيش ڪرڻيون  پونديون……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*