آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات

Nawazsharif---Raheel-4816آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف چين جي هاڻوڪي دوري بابت به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.

چين جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڏيهه پهتل آرمي چيف جنرل راحيل شريف پي ايم هائوس ۾ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب ملاقات دوران قومي سلامتي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ آپريشن ضرب عضب، اقتصادي راهداري منصوبي جي سڪيورٽي ۽ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي به ويچاريو ويو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته آرمي چيف چين جي هاڻوڪي دوري بابت وزيراعظم نواز شريف کي آگاهه ڪيو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*