بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو
بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۾ ملوث 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جو واسطو بندش پيل تنظيمن سان آهي.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو ته مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 6 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار ڪيل دهشتگرد ڪوئيٽا جي عالمون چوڪ، پسني روڊ ۽ ٻين ڌماڪن ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته گرفتار دهشتگردن ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي ۽ انهن جو واسطو بندش پيل تنظيم سان آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ عليحدگي پسند گروپ کي ڀارت جي حمايت حاصل آهي ۽ ڀارتي ايجنٽ جي گرفتاري مان ثابت ٿيو آهي ته بلوچستان اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارتي ڳجهو ادارو ”را“ ملوث آهي.
بلوچستان جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ فراري ٽريننگ ڪئمپس موجود آهن، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي……….