مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي وزيراعظم نواز شريف جي خطاب دوران ن ليگ اڳواڻ چوڌري اسد الرحمان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو

Nawaz-Sharif-1-4816

 مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي وزيراعظم نواز شريف جي خطاب دوران ن ليگ اڳواڻ چوڌري اسد الرحمان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو،  وزيراعظم پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس ويهڻ جو چيو ويو پر ان انڪار ڪيو.

ذريعن موجب، اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي وزيراعظم نواز شريف خطاب شروع ڪيو ته ٽوبا ٽيڪ سنگهه جي تڪ اين اي 94 تان چونڊيل نواز ليگ اڳواڻ چوڌري اسد الرحمان وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.

وزيراعظم نواز شريف سندس خطاب ۾ مداخلت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چوڌري اسد کي سخت ڇنڊ پٽيندي چيو ته  هي ڪهڙو طريقيڪار آهي، اوهان پنهنجي سيٽ تي ويهي رهو.

ذريعن موجب، چوڌري اسد الرحمان وزيراعظم جو چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو اسڪول جو شاگرد نه آهي جو اوهان جي چوڻ تي ويهي رهي.

چوڌري اسد کي ڪاوڙ ۾ ڏسڻ بعد وزيراعظم نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ماٺيڻي انداز ۾ چيو ته چوڌري صاحب مهرباني ڪري پنهنجي سيٽ تي ويهو، کيس خطاب مڪمل ڪرڻ ڏيو.

چوڌري اسد جي سيٽ تي ويهڻ کان انڪار بعد پارلياماني پارٽي جي اڳواڻن کيس زبردستي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو.

چوڌري اسد الرحمان سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس خليل الرحمان رمدي جو ڀاءُ آهي، جيڪو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪرِٽري شگفتا جماڻي سان به اڻوڻندڙ رويو اختيار ڪري چڪو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*