سکر جي عدالت، غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ واري ڪيس ۾ اسد کرل کي 14 ڏينهن لاءِ جيل اماڻيندي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Asad-karal-4816

سکر جي عدالت، غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ واري ڪيس ۾ اسد کرل کي 14 ڏينهن لاءِ جيل اماڻيندي حتمي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پوليس پاران رمانڊ پورو ٿيڻ تي اسد کرل کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن دوران عبوري چالان پيش ڪيو.

ٻڌڻي دوران پوليس عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته اسد کرل کان غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس جي جاچ مڪمل ناهي ٿي.

 پوليس استدعا ڪئي ته ڪيس جو حتمي چالان پيش ڪرڻ لاءِ 7 ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي.

عدالت پوليس جي استدعا رد ڪندي ڪيس جو حتمي چالان 3 ڏينهن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سکر جي عدالت اسدکرل کي جيل اماڻيندي ٻڌڻي 14 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته سکر جي آباد پوليس 23 جولاءِ تي اسد کرل جي گرفتاري ظاهر ڪئي هئي، مٿس غيرقانوني هٿيار ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جا ڪيس داخل آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*