ملتان جي عدالت ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جوابدار حق نواز جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي

Qandeel-Baloch-30716

 ملتان جي عدالت ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جوابدار حق نواز جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي.

قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ معاونت جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل جوابدار حق نواز کي جسماني رمانڊ پورو ٿيڻ کانپوءِ ملتان جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار حق نواز جي ڪوڙ پڪڙڻ واري مشين جي ذريعي ٽيسٽ ورتي وئي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ٽيڪسي ڊرائيور عبدالباسط کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس عدالت کي استدعا ڪئي ته وڌيڪ جاچ لاءِ جوابدار حق نواز جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي.

عدالت، پوليس جي استدعا منظور ڪندي جوابدار حق نواز کي وڌيڪ 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

قنديل بلوچ کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم پوليس آڏو اعتراف ڪيو هو ته حق نواز قتل جي واردات ۾ سندس معاونت ڪئي هئي……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*