وزيراعظم نواز شريف ترقياتي منصوبن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇائڻ وارو عزم ورجائيندي چيو آهي

achak zai

وزيراعظم نواز شريف ترقياتي منصوبن جو ڄار سڄي ملڪ ۾ وڇائڻ وارو عزم ورجائيندي چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي سان سڄي ملڪ جيان بلوچستان کي به فائدو رسندو، حڪومت سميت سڀني ڌرين جي گڏيل ڪوششن سان بلوچستان ۾ امن قائم ٿيو آهي.

پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان پختونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ملاقات ڪئي، جنهن دوران بلوچستان جي ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته بلوچستان ۾ امن سندن پهرين ترجيح آهي، موجوده حڪومت جي ڪوشش سان بلوچستان ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ امن قائم ٿيو آهي.

وزيراعظم چيو ته  اقتصادي راهداري منصوبي سان بلوچستان سميت سڄي ملڪ کي فائدو پهچندو، گوادر پورٽ ٺهڻ کانپوءِ بلوچستان جي اهميت اڃا وڌي ويندي.

ان موقعي تي وزيراعظم عزم ورجايو ته سڄي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*