سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي وفاق سان تڪرار جي نبيري لاءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي

muraad

سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي وفاق سان تڪرار جي نبيري لاءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي، جتي هـُو اعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزارت جي اختيارين سان ملاقاتون ڪري ڪراچي آپريشن ۽ رينجرز جي اختيارن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، اسلام آباد روانگي کان اڳ وڏي وزير پنهنجي گاڏيءَ مان فائيل ڪڍي انهن تي صحيحون ڪيون.

سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏ وزارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد پهچي رهيو آهي.

سيد مراد علي شاهه وزيراعظم نواز شريف ۽ وفاقي گهرو وزارت جي اختيارين سان ملاقاتون ڪندو، جنهن دوران رينجرز اختيارن ۾ واڌ واري معاملي ۽ ڪراچي آپريشن سميت ملڪ جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، وڏي وزير پاران اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ سنڌ جون وفاق ڏانهن رهيل رهتون ۽ ان جي ادائيگي وارا معاملا اٿاريندو، جڏهن ته ڪي فور منصوبي سميت ٻين ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد روانگي کان اڳ فيصل بيس تي مختلف فائيلز تي صحيحون به ڪيون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*