افغانستان ۾ پنجاب حڪومت جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ بعد عملي جي 7 ڄڻن کي افغان طالبان پاران يرغمال بڻائڻ واري معاملي تي پاڪستاني سرڪار اعليٰ سطحي وفد افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

helecopter

 افغانستان ۾ پنجاب حڪومت جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ بعد عملي جي 7 ڄڻن کي افغان طالبان پاران يرغمال بڻائڻ واري معاملي تي پاڪستاني سرڪار اعليٰ سطحي وفد افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،  پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته حڪومت کي افغان سرڪار جي معاملي تي جواب جو انتظار آهي، هيليڪاپٽر ۽ عملي جي لوڪيشن بابت ڪا به ڄاڻ ناهي ڏني وئي.

پنجاب حڪومت جو هيليڪاپٽر مرمت لاءِ افغان رستي روس وڃي رهيو هو ته افغانستان جي صوبي لوگر ۾ هيليڪاپٽر کي ڪريش لينڊنگ ڪرڻي پئي.

ذريعن موجب افغانستان جي صوبي لوگر جا اڪثر علائقا افغان طالبان جي قبضي هيٺ آهي، جتي طالبان ويڙهاڪن لينڊنگ ڪندڙ هيليڪاپٽر کي تباهه ڪري ان ۾ سوار عملي کي يرغمال بڻائي ورتو آهي، جن ۾ 7 پاڪستاني ۽ هڪ روسي شهري شامل آهن.

 هيليڪاپٽر کي يرغمال بڻائڻ کانپوءِ پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي رابطا شروع ڪيا ويا آهن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف به افغانستان ۾ اتحادي فوج جي سربراهه جنرل نڪولن سان رابطو ڪري عملي کي حفاظتي سان واپسي تي ڳالهيون ڪيون.

 پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حڪومت کي افغان سرڪار جي جواب جو انتظار آهي، کين سرڪاري سطح تي اڃا تائين ڪو به جواب ناهي ملي  سگهيو.

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريه وڌيڪ چيو ته هيليڪاپٽر جي لوڪيشن ۽ عملي بابت ڪا به معلومات فراهم ناهي ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي پاران رابطو ڪرڻ باوجود کين اڃا تائين تفصيل ناهن ڏنا ويا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران اعليٰ سطحي وفد به افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو افغانستان جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪندو.

ذريعن موجب پاڪستاني وفد افغان طالبان پاران يرغمال بڻايل 6 پاڪستاني ۽ هڪ روسي شهري جي حفاظت سان واپسي يقيني بڻائڻ وارن معاملن تي زور ڏيندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*