پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف افغانستان ۾ هيليڪاپٽر جي هنگامي لينڊنگ ۽ عملي کي يرغمال بڻائڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت جي لاڳاپين ادارن سان رابطو ڪيو آهي

shabaz17

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف افغانستان ۾ هيليڪاپٽر جي هنگامي لينڊنگ ۽ عملي کي يرغمال بڻائڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت جي لاڳاپين ادارن سان رابطو ڪيو آهي، شهباز شريف چيو آهي ته عملي جي حفاظت سان واپسي لاءِ ڪوشسون وٺي رهيا آهيون.

پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب، وڏي وزير شهباز شريف پاران وزيراعظم نوازشريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻين سان فون تي رابطو ڪيو.

وڏي وزير شهباز شريف افغانستان ۾ پنجاب حڪومت جي ايم آءِ سيونٽين هيليڪاپٽر جي هنگامي لينڊنگ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ آهي.

شهباز شريف چيو ته عملي جي حفاظت سان واپسي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون وٺي رهيا آهيون.

پنجاب حڪومت جي ترجمان موجب هيليڪاپٽر ۾ ڪرنل رٽائرد صفدر، ڪرنل ريٽائرڊ شفيق، انجنيئر ڪرنل ريٽائرڊ ناصر، ميجر جنرل رٽائرڊ صفدر، حوالدار ڪوثر ۽ روسي نيويڪيٽر سرگئي سيوف سوار هئا…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*