سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

hadsa

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا فوت ۽ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پني عاقل ويجهو قومي شاهراهه تي تيز رفتار مزاده ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڀت سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

روهڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ غلام مصطفيٰ ۽ دين محمد خاڪي فوت ٿيا.

اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا لاش اسپتال پهچايا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

نصير آباد ڀرسان ڳوٺ دلدار کوسو ۾ سم شاخ ۾وهنجندي 6 سالن جو عاشق علي کوسو ٻڏي ويو، جنهن لاش پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*