سکر ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا

wapda

سکر  ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.

شاهه خالد ڪالوني جي رهواسين ڌڻي بخش چانڊيو، الله داد بوزدار، شفعي محمد ۽ ٻين ريلي ڪڍي ملٽري روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين دانهيو ته گذريل اٺن ڏينهن کان سيپڪو عملدار سڙيل ٽرانسفارمر مرمت بهاني کڻي ويا آهن، جيڪو واپس ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته رشوت طلب ڪئي پئي وڃي.

باگڙچي ۾ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف رهواسين سکر پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مظاهرين دانهيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 15کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري جيئڻ تنگ ڪيو ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي، ٻي صور ت۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*