صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪجهه عنصرن اقتصادي راهداري منصوبي تي غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن

mamnon

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪجهه عنصرن اقتصادي راهداري منصوبي تي غلط فهميون پيدا ڪري رهيا آهن، اهڙن عنصرن کي چوندس ته اهي پنهنجي حرڪتون بند ڪن.

ڪوئيٽا ۾ فرسٽ بلوچستان اوپن محمد علي جناح شوٽنگ چيمپئن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته اڄوڪو ڏينهن انتهائي خوشي جو باعث آهي، محب وطن عوام جي ثابت قدمي کي سلام پيش ڪيان ٿو.

هـُن چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، بلوچستان اچي هڪ ئين اميد ۽ الڳ خوش ملندي آهي.

صدر ممنون حسين چيو ته بلوچ عوام جو جذبو حب الوطني جو مثال آهي ۽ هن وقت بلوچستان کان ڪيتريون ئي اميدون آهن.

صدر وڌيڪ چيو ته قومي عزم وارو نظريو ڏسي ڪري خوشي ٿيندي آهي، دنيا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قرباني جي تعريف ڪري رهي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*