سکر ۾ ريلوي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

railway

سکر ۾ ريلوي کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ملازمن عبدالخالق مهر، خالد حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران ريلوي اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين صحافين آڏو دانهيو ته ريلوي کاتي جي ملازمن جا جائز مطالبا تلسيم ڪرڻ بدران کين مڪمل طور نظر انداز ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي.

هنن چيو ريلوي انتظاميا توڙي حڪومت ملازمن سان وڏا واعده ڪرڻ باوجود جائز مطالبا تسليم ناهن ڪيا ويا.

مظاهرين چتاءُ ڏنو ته جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ته سموري ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*