ڪراچي ۾ رات ۽ صبح واري برسات بعد انتظاميا جي دعوائن باوجود شهر جي اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي

Karachi-Rain-6816

ڪراچي ۾ رات ۽ صبح واري برسات بعد انتظاميا جي دعوائن باوجود شهر جي اڪثر علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي،برسات دوران بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ وارن واقعن جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 8 ٿي ويو آهي، جڏهن ته شاهراه فيصل سميت ڪيترن علائقن ۾ ٽرئفڪ جام آهي.

شهر اندر گذريل رات کان شروع ٿيل برساتي سلسلو اڄ به  وقفي وقفي سان جاري  آهي.

انتظاميا جي دعوائن باوجود ڊفينس، صدر، ڪورنگي، گلستان جوهر، ڀٽائي آباد، موسميات، صفورا ڳوٺ، صفورا چورنگي، قائد آباد، ملير، سهراب ڳوٺ، لياري، نيو ڪراچي، اختر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي.

سنڌ اسيمبلي، گورنر هائوس روڊ ۽ آرٽس ڪائونسل چورنگي سميت مختلف علائقن ۾ رستن تي پاڻي بيهجي ويو آهي.

ڊفينس ويو واري علائقي ۾ گندَي پاڻيءَ جو نالو اٿلڻ سبب پاڻي روڊ رستن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو، جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

شهر ۾ گذريل رات کان برسات دوران بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ وارن واقعن جي نتيجي 8 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

برسات سبب ڪراچي جي شاهراه فيصل، ايم اي جناح روڊ، صدر ۽ ٻين روڊ ررستن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ پئجي رهيو آهي.

موسميات کاتَي جو چوڻ آهي ته، ڪراچي ۾ اڄ برسات جو سلسلو جاري رهندو، جنهن جي شدت ۾ سڀاڻي تائين گهٽتائي اچي ويندي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن تائين هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو.

ٻئي پاسي برسات بعد ملير ۽ سکڻ نديون وهي آيون آهن، جنهن سبب ٻنهي ندين سان لاڳاپيل علائقن جو پاڻ ۾ رابطو ڪٽجي ويو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*