وزيراعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

nawaz-sharif-12-05-16

وزيراعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي  جارحيت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت پاران رياستي آپريشن جي ذريعي ڪشميرين کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلم جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

وزيراعظم چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميرين کي طبي امداد ڏيندڙ اسپتالن ۽ ايمبولينسز کي نشانو بڻائي رهي آهي، زخمي ٿيل ڪشميرين کي طبي امداد تائين به رسائي جي اجازت نٿي ڏني وڃي.

هن چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ ظلم جي انتهائي ڪري ڇڏي آهي، رياستي آپريشن جي ذريعي بيگناهن ڪشميرن کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

وزيراعظم عالمي برادري کي صورتحال جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته پاڪستان پاران طبي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي برادري کي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ گهرجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*