ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ گولڊ مارڪ کي لڳل باهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي 8 گاڏين کانسواءِ اسنارڪل به باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن

Karachi-Gold-MArk-Fire-6816

ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ گولڊ مارڪ کي لڳل باهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو، ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جي 8 گاڏين کانسواءِ اسنارڪل  به باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن، فائر برگيڊز باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏنو آهي.

فائربرگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه گول مارڪيٽ جي ٻي منزل تي ڪپڙي جي دڪان کي لڳي، خوش قسمتي سان مارڪيٽ بند هجڻ سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو.

واپارين موجب ڪي ايم سي ۽ ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ جون 8 گاڏيون مارڪيٽ کي لڳل باهه وسائڻ ۾ رڌل آهن جڏهن ته باهه تي ضابطي لاءِ اسنارڪل به مصروف آهن.

واپارين چيو ته سندن ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي ان باوجود سڄي رات کين فائربريڊ جو سربراهه نظر نه آيو.

دڪاندارن مطالبو ڪيو ته باهه لڳڻ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*