ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه ايڪشن ۾ اچي ويو، مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد شهرين کان معلومات به ورتي

Murad-Ali-Shah-6816

ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ وڏو وزير مراد علي شاهه ايڪشن ۾ اچي ويو، مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد شهرين کان معلومات به ورتي.

وڏو وزير مراد علي شاهه برسات بعد صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ شهر ۾ نڪري آيو، هن عبدالله هارون روڊ، محمود آباد، ڊفينس، لياقت آباد ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو.

وڏي وزير لياقت آباد ۾ هوٽل تي چانهه پيتي ۽ شهرين سان ڪچهري ڪري برساتي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن مسئلا معلوم ڪيا.

دوري دوران ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي جا ڊي سيز ۽ ٻيا عملدار رستن تي موجود آهن، شهرين لاءِ ڪو به مسئلو پيدا ٿيڻ نه ڏنو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*