احتساب واري تحريڪ فيصلائتي ثابت ٿيندي، عوام کي دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجي ليڊرن جو احتساب ڪن, عمران خان

Imran-Khan-2716

تحريڪ انصاف پاران حڪومت مخالف تحريڪ سڀاڻي کان شروع ڪئي ويندي، عمران خان چيو آهي ته احتساب واري تحريڪ فيصلائتي ثابت ٿيندي، عوام کي دعوت ڏيان ٿو ته پنهنجي ليڊرن جو احتساب ڪن.

تحريڪ انصاف پاران پاناما ليڪس معاملي تي حڪومت مخالف تحريڪ سڀاڻي کان شروع ڪئي ويندي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سڀاڻي کان تحريڪ انصاف جو ڪنٽينر ٻيهر روڊن تي آندو ويندو.

عمران خان چيو ته طاقتور چورن جو احتساب نه ٿيو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو، سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ تحريڪ فيصلائي ثابت ٿيندي، عوام کي دعوت ڏجي ٿي ته پنهنجي ليڊرن جو احتساب ڪن.

پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن سبب ملڪ تباهي ڪناريءَ پهچي ويو آهي، حڪمرانن جو احتساب ضروع ٿيڻ گهرجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*