ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو

Dhabeji-pumping-6816

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻيءَ جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، واٽر بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بحال نه ڪرڻ سبب پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا الزامن کي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي.

ڪراچي کي گذريل رات کان ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن مان پاڻيءَ جي فراهمي  بند آهي، جنهن سبب شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بحران شدت اختيار ڪري ورتي آهي.

واٽر بورڊ ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا مسئلي جي حل ڪڍڻ بدران هڪٻئي مٿان الزام هڻي رهيا آهن.

واٽر بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪي اليڪٽرڪ طرفان پمپنگ اسٽيشن جي گذريل رات کان بجلي بحال ئي نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ڪراچي کي پاڻيءَ جي فراهمي بند آهي.

ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، واٽر بورڊ پنهنجي ڪوتاهي لڪائڻ لاءِ الزام بازي ڪري رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*