وفاق رڳو هڪ صوبي تي چڙهائي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا موڪلي رهيو آهي، جن صوبن ۾ گڊ گورننس جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي،سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر سينيٽر اعتزاز احسن

Atezaz-Ahsan-29716

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته وفاق رڳو هڪ صوبي تي چڙهائي ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جٿا موڪلي رهيو آهي، جن صوبن ۾ گڊ گورننس جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اتي احتساب ڪجي ته صورتحال واضح ٿي ويندي.

اسلام آباد ۾ سينيٽ جي يوم تاسيس واري تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر اعتزاز احسن چيو ته ملڪ ۾ هر طرف بيڊ گورننس نظر اچي رهي آهي، ڪنهن هڪ صوبي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجي شرطن تي موڪلڻ ڪا گوڊ گورننس ناهي.

هن چيو ته لاهور ۾ هڪ سئو 54 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو، جيڪو سڄي بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ کان وڌيڪ آهي.

سينيٽر اعتزاز احسن پنجاب جو اشارو ڏيندي چيو ته جتي ڇوٽو گينگ آهي، ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن ۽سييڪورٽي ادارن تي حملا ٿيا، اتي ڪارروائي ڇو نه پئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته جن صوبن ۾ بهتري جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اتي احتساب شروع ڪيو وڃي ته صورتحال واضح ٿي ويندي.

اعتزاز احسن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڊي اين اي ٽيسٽ کي غير اسلامي قرار ڏيڻ واري فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته مولانا احمد خان شيراني پاڻ اسپتال ويندو ته زڪام يا نمونيه جو پتو لڳائڻ لاءِ پهريان بلڊ ٽيسٽ ئي ڪرائيندو، پوءِ ڊي اين اي ٽيسٽ کي غير اسلامي ڪيئن قرار ڏنو وڃي.

سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر وڌيڪ چيو ته هو سائبر ڪرائيم بل جا مخالف آهن، ان ڪري بل ۾ ترميمون پيش ڪيون هيون….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*