اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري جاسوسي جي الزام هيٺ امريڪي شهري کي گرفتار ڪري ورتو

FIA-11-11

اسلام آباد ۾ ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري جاسوسي جي الزام هيٺ امريڪي شهري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايئرپورٽ تي امريڪي اهلڪار کي ڪليئرنس ڏيندڙ  ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس جي ٻن اهلڪارن کي به معطل ڪيو ويو.

ايف آءِ اي موجب امريڪي شهري ميٿيو بيرڪ کي اسلام آباد جي هڪ گيسٽ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل هو.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته امريڪي شهري  گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو هو، کيس ايئرپورٽ تي ڪليئرنس ڏيندڙ ٻن اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي.

امريڪي شهري کي 2011 دوران جاسوسي جي الزام هيٺ ملڪ بدر ڪيو ويو هو، جنهن بعد ساڳيو ئي شهري گذريل ڏينهن پاڪستان پهتو هو.

گرفتار ڪيل امريڪي شهري کي وڌيڪ جاچ لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*