حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري

hYD-tHATTA-6816

حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به ڪٿي تيز ۽ ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ سم نالا اٿلڻ ڪري فصل ٻڏڻ لڳا آهن.

حيدرآباد ۾ ٻيهر شروع ٿيل برسات سبب سول اسپتال، شهباز بلڊنگ، ٿڌي سڙڪ، لالو لاشاري، ڪالي موري، ڀٽائي نگر، ڀٽائي ٽائون، فقير جو پڙ، ڦليلي، ٽانگا اسٽيشن ۽ ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

ٽن ڪلاڪن دوران شهر ۾ 112 ملي ميٽرز برسات رڪارڊ ڪئي وئي، شهر جا 32 فيڊرز ٽرپ ٿي وڃڻ ڪري اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي.

ٽٺي شهر توڙي ساحلي پٽي ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، ٺٽي، گهوڙا ٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي روڊن رستن ۽ رهائشي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.

گهوڙا ٻاري ۾ آر بي اوڊي سم نالو اٿلي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏڻ لڳو آهي.

 جهمپير ۾ نئين وهي اچڻ ڪري گذريل ڏينهن کان علائقي واسين جو زميني رابطو ڪٽيل آهي.

ٽنڊي محمد خان ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به برسات جاري آهي، جنهن ڪري هيٺانهن وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.

شهر جي سومرا پاڙو، مير پاڙو، ٻرڙا پاڙو، مير بحر پاڙو، بهراڻي پاڙو ميمڻ پاڙو، خواجا پاڙو، ڊاڪٽر ڪالوني،  پيپلز ڪالوني ٽالپر ڪالوني مشترڪه ڪالوني، شوڪت ڪالوني ۽ انور ڪالوني ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.

لاڳيتو برسات سبب سم نالا اوور فلو ٿيڻ لڳا آهن، جنهن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته مختلف زميني رستا بند ٿي ويا آهن.

شهري انتظاميا ٻن ڏينهن کان ٽنڊي محمد خان شهر کي پاڻي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن شهرين جي اهنجن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.

بدين ۾ برسات کانپوءِ شهر جي مختلف روڊن، رستن ۽ رهائشي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، ڪجهه هنڌن تي گهرن اندر پاڻي داخل ٿي ويو.

پاڻي هيٺ آيل علائقن جي رهواسين احتجاج ڪندي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

بدين جي ٻهراڙين ۾ به سم نالا اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري برساتي پاڻي ۾ شامل ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏڻ لڳو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*