ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي  جي  ناظم آباد واري علائقي ۾ دڪان تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.

ناظم آباد جي گول مارڪيٽ ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن دڪان تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر سلمان ۽ اسد مارجي ويا، جڏهن ته اِڪرام ڪنڌ ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.

پوليس ٻنهي نوجوانن جي لاشن ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو.

ذريعن موجب، ڀتي جي اوڳاڙي وايري معاملي تان هٿياربندن 2 ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*