ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي گهڻي ڀاڱي نيڪال ٿي ويو، هيٺآنهين وارن هنڌن ۽ ڪجهه هنڌن تي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ٽن ڏينهن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن

barsat

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي گهڻي ڀاڱي نيڪال ٿي ويو، هيٺآنهين وارن هنڌن ۽ ڪجهه هنڌن تي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ٽن ڏينهن دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 16 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو گذريل رات به وقفي وقفي سان جاري  رهيو، ڪٿي هلڪي ته ڪٿي وري تيز برسات سبب ڊفينس، ڪلفٽن، گلشن اقبال ۽ صدر جي روڊن رستن تي گڏ ٿيل پاڻي نيڪال ٿيندو رهيو پر ڪجهه وسندين ۾ اڃا بيٺل آهي.

ڪورنگي، گلستان جوهر، ڀٽائي آباد، موسميات، صفورا ڳوٺ، صفورا چورنگي، قائد آباد، ملير، سهراب ڳوٺ، لياري، نيو ڪراچي، اختر ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي.

ڊفينس ويو واري علائقي ۾ گندَي پاڻيءَ جو نالو اٿلڻ سبب پاڻي روڊ رستن ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو، جنهن سبب علائقي واسي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

شهر ۾ برسات دوران بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ وارن واقعن جي نتيجي 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

برسات سبب ڪراچي جي شاهراه فيصل، ايم اي جناح روڊ، صدر ۽ ٻين روڊ ررستن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، جنهن ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

موسميات کاتَي جو چوڻ آهي ته، ڪراچي ۾ اڄ برسات جو سلسلو جاري رهندو، جنهن جي شدت ۾ سڀاڻي تائين گهٽتائي اچي ويندي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن تائين هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*