لاڙڪاڻي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي

police qatal

لاڙڪاڻي ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي شهيد ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي.

 شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ هٿيار بندن فائرنگ ڪري پنهنجي گهر آڏو بيٺل پوليس اهلڪار بدر الدين جوڻيجو کي شهيد ڪري ڇڏيو.

واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع تي پوليس پهچي شهيد اهلڪار جو لاش کڻائي پوسٽ ڪرائڻ لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*