پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اڄ احتساب ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، عمران خان چيو آهي

pti ehtisaab

پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اڄ احتساب ريلي ڪڍي پئي وڃي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏيون آهن، ظالم حڪمرانن خلاف تحريڪ جاري رکي ويندي.

پي ٽي آءِ ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، عمران خان جي اڳواڻي ۾ اڄ احتساب ريلي ڪڍي ويندي،جنهن لاءِ ڪنٽينر تيار ڪيو ويو آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ڪنٽينر جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنوانين خلاف تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي، ريلي کي انجام تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته ريفرنسز جهڙن ڊرامن سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، طاقتور چورن جو احتساب نه ٿيو ته ملڪ تباهه ٿي ويندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*