بلوچستان جي هرنائي واري علائقي ۾ برساتن کانپوءِ نيون وهي اچڻ ڪري ٻوڏ جي وهڪري ۾ گاڏي لڙهي وڃڻ سبب 5 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا

balochistan

بلوچستان جي هرنائي واري علائقي ۾ برساتن کانپوءِ نيون وهي اچڻ ڪري ٻوڏ جي وهڪري ۾ گاڏي لڙهي وڃڻ سبب 5 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا،  شاهه نوراني ۽ ٻين علائقن ڏانهن سير لاءِ ويندڙ شهرين جون گاڏيون ڦاسي پيون

بلوچستان جي هرنائي ۽ اٿل سميت مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي،  نيون وهي اچڻ ڪري مختلف علائقن جو رابطو ڪاٽي ٿي ويو آهي.

هرنائي ڀرسان ٻوڏ جي پاڻيءَ جي وهڪري ۾ هڪ گاڏي لڙهي وئي، جنهن ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

شاهه نوراني سميت مختلف علائقن ڏانهن تفريح لاءِ ويندڙ ماڻهن جون گاڏيون ڦاسي پيون آهن، جنهن ڪري کين سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*