ڀان سيد آباد ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت چار اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ لالو رائنڪ ڀرسان مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ 10 مينهون مري ويون، جنهن بعد مالوندن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

laukaran

ڀان سيد آباد ڀرسان تيز رفتار ڪار ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سميت چار اهلڪار زخمي ٿي پيا ۽ لالو رائنڪ ڀرسان مسافر ڪوچ جي ٽڪر ۾ 10 مينهون مري ويون، جنهن بعد مالوندن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڀان سيد آباد ويجهو انڊس هاءِ وي تي ڀان سيد آباد کان حيدر آباد ويندڙ ڪار تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پئي.

حادثي جي نتيجي ۾  ايس ايڇ او ڀان پير الهچايو، اهلڪار منتاز لنڊ، غلام مرتضيٰ ۽ رمضان خشڪ  زخمي زخمي ٿي ويا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 لالو رائنڪ ڀرسان انڊس ھائي تي ڪراچي کان پشاور ويندڙ ڪوچ روڊ ڀرسان ويٺل مينھُن جي مٿان چڙھي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مينهون مري ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ 5 مسافر معمولي زخمي ٿي پيا، جنهن بعد اطلاع تي پوليس پهچي ڪوچ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

واقعي خلاف مالوندن گلڻ، جانڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪوچ ڊرائيور جي لاپرواهي سبب حادثي ۾ سندن لکين رپين جون مينهون مري ويون آهن، کين فوري طور معاوضو فراهم ڪيو وڃي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*