جڊيشل ڪميشن رڳو پنجاب نه پر سڀني صوبن ۾ ڌانڌلين جي جاچ ڪرائي اي اين پي اڳواڻ حاجي عديل

اي اين پي جي 3 رڪني وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري مطالبو ڪيو آهي ته ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ته ان کي رڳو پنجاب تائين محدود نه ڪيو وڃي پر ڪي پي ڪي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به ڌانڌلين جي جاچ ڪرائي وڃي.

اي اين پي جي حاجي عديل، افراسياب خٽڪ، زاهد خان ۽ سينيٽر شاهي سيد چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا سان ملاقات ڪري مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اي اين پي جي حاجي عديل چيو ته 2013 جي عام چونڊن دوران چيف اليڪشن ڪمشنر جو ڪردار طالبان ادا ڪيو.

هن چيو ته عام چونڊن دوران چيف اليڪشن ڪمشنر نه ٻڌي سگهندو هو ۽ نه ئي ڳالهائي سگهندو هو.

حاجي عديل چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير غلط بياني کان ڪم ورتو ۽ هنن تڪ بندين کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي.

حاجي عديل چيو ته ڌانڌليون سموري ملڪ ۾ ٿيون آهن ۽ جڊيشل ڪميشن رڳو پنجاب نه پر ٻين ٽنهي صوبن ۾ به ڌانڌلين جي جاچ ڪرائي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*