تحريڪ انصاف جي احتساب ريلي پشاور کان اٽڪ لاءِ روان دوان آهي، عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن جو ٽولو پاڪستان جو پئسو چوري ڪري پرڏيهه منتقل ڪري رهيا آهن

pti rally

تحريڪ انصاف جي احتساب ريلي پشاور کان اٽڪ لاءِ روان دوان آهي، عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن جو ٽولو پاڪستان جو پئسو چوري ڪري پرڏيهه منتقل ڪري رهيا آهن.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، عمران خان جي اڳواڻي وزير اعليٰ هائوس پشاور مان احتساب ريلي نڪتي، جيڪا اٽڪ تائين جاري رهندي.

ترجمان موجب، ريلي جي اڳواڻي عمران خان ڪري رهيو آهي، جنهن لاءِ هڪ ڪنٽينر به تيار ڪيو ويو آهي.

عمران خان ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته حڪمران ٽولو ملڪ جو پئسو چوري ڪري پرڏيهه کڻي وڃي ٿو، ڪرپشن سبب سمورا ادرا تباهه ٿي ويا آهن.

هن چيو ته ريلي تي هڪ ٽريلر آهي، ميچ ته اڃان اڳتي شروع ٿيندي، جيستائين نواز شريف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪندو، تيستائين تحريڪ جاري رکي ويندي.

عمران خان چيو ته وزير اعظم نواز شريف تي مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ٻيا سنگين الزام آهن، حڪومت عوام سان مذاق ڪري رهي آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*