ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ گل پلازه ۾ لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي ڪوششن بعد ضابطو آڻي ورتو

gul plaza

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ گل پلازه ۾ لڳل باهه تي فائر برگيڊ عملي ڪوششن بعد ضابطو آڻي ورتو، مڪاني ادارن واري وزير ڄام خان شورو واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري ڪمشنر ڪراچي کان تازو پيش آيل باهه واقعن تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

صدر واري علائقي ۾ گل پلازه جي پهرين منزل تي باهه لڳي وئي، جنهن تي فائر برگيڊ جي 10 گاڏين پهچي ڪوششن بعد ضابطو آڻي ورتو.

فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته پلازه ۾ باهه جو واقعو بجلي شارٽ سرڪٽ سبب پيش آيو.

دڪاندارن باهه جو ذميوار ڪي اليڪٽرڪ کي قرار ڏيندي چيو آهي ته عملو  غير قانوني طريقي سان ڪنيڪشن لڳائي ڏئي ٿو، جنهن سبب پي ايم ٽِي تي دٻاءُ وڌڻ سبب باهه جا واقعا پيش اچن ٿا.

وڏي وزير پاران باهه واقعن جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ مڪاني ادارن وارو صوبائي وزير ڄام خان شورو واقعي واري هنڌ تي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو.

صوبائي وزير ڪمشنر ڪراچي کي برسات دوران باهه واقعن جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڄام خان شوري چيو ته ڪراچي ۾ پاڻيءَ جي نيڪاسيءَ وارن نالن جي صفائي ڪئي وئي، جنهن ڪري پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽ ڏکيائي پيش آئي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نااهلي سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن مان شهر کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي وئي، فائر فائيٽر سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*