حيدرآباد ۾ برسات کانپوءِ مختلف علائقن جي بند ٿي ويل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن خلاف رهواسين ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هينا آهن

hyd protest

حيدرآباد  ۾ برسات کانپوءِ  مختلف علائقن جي بند ٿي ويل بجلي اڃا تائين بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن خلاف رهواسين ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هينا آهن.

برسات دوران پڪو قلعو، وحدت ڪالوني۽ قاسم آباد  سميت مختلف علائقن جي بند ٿي ويل بجلي ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود بحال نه ٿي سگهي آهي.

بجلي جي بندش خلاف نئين پل، پڪو قلعو، قاسيم آبا ۽ وحدت ڪالوني  جي رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرا ڪري حيسڪو اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته برسات کانپوءِ ڪيترائي ڪلاڪ گذري ويا آهن، پر حيسڪو اختيارين جي لاپرواهي سبب اڃا تائين بند ٿيل بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي.

هنن چيو ته بجلي جي بندش سبب زندگي جو ڪار وهوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بند پيل بجلي فوري طور بحال ڪري کين عذاب کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ حيسڪو آفيسر جو گهيراءُ ڪيو ويندو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*