پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ احتساب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي

bilawal

 پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ احتساب لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بدعنواني جي دنيا جي سڀ کان وڏي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ سرڪار کي اپوزيشن جي ٽي آر او کي تسليم ڪرڻ گهرجي.

پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس نيڪ خواهشون تحريڪ احتساب جي نالي تي احتجاج ڪندڙن سان گڏ آهن.

هن چيو ته هر ڪنهن کي احتجاج ڪرڻ جو جمهوري حق حاصل آهي، مظاهرين کي سزا ڏيڻ نه پر سندن همٿ افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

بلاول ڀٽو زرادري جو چوڻ آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ لاءِ حڪومت کي اپوزيشن پاران ڏنل ٽي آو آر تحت جاچ ڪرائڻ گهرجي.

هڪ ٽوئٽ ۾ بلاول اهو به لکيو آهي پيپلز پارٽي اقليتن کي مڪاني ادارن ۾ اڳتي آندو، مستقبل ۾ به وڏي تبديلي رڳو پ پ ئي آڻي سگهي ٿي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*