قومي اسيمبلي ۾ 21هين آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ 1952ع ترميمي بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي

قومي اسيمبلي ۾ 21هين آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ 1952ع ترميمي بل جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي آهي، تحريڪ انصاف، جي يو آءِ، جماعت اسلامي جي ميمبرن ۽ شيخ رشيد راءِ شماري ۾ حصو نه ورتو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران انصاف، انساني حقن ۽ سڌسماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد 21هين آئيني ترميمي بل 2015ع جو بل پيش ڪيو، جنهن جي شق وار منظوري ڏني وئي.

21هين آئيني ترميمي بل ۾ ٽن شقن جي منظوري ڏني وئي، جنهن جي ايوان ۾ موجود سمورن 247 ميمبرن حمايت ڪئي، جڏهن ته 21هين آئيني ترميمي بل جي پهرين شق ۾ جماعت اسلامي پاران پيش ڪيل ترميمي شق کي ڊراپ ڪيو ويو.

21هين آئيني ترميمي بل جي منظوري سان فوجي عدالتون ٻن سالن لاءِ قائم ڪيون وينديون، جيڪي دهشتگردي سميت مختلف نوعيت جا ڪيس ٻڌنديون.

اجلاس دوران آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم وارو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جنهن جي حمايت ۾ سمورن 247 ميمبرن حمايت ڪئي.

21هين آئيني ترميمي بل ۽ آرمي ايڪٽ جي منظوري لاءِ جي يو آءِ، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي جي ميمبرن ۽ شيخ رشيد ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*