لاڙڪاڻي ويجهو هڪڙا بند تي پاڻي چاڙهه کانپوءِ بند جي مضبوطي وارو ڪم جاري

Larkana-Harka-Band-8816

لاڙڪاڻي ويجهو هڪڙا بند تي پاڻي چاڙهه کانپوءِ بند جي مضبوطي وارو ڪم جاري آهي، نئين ديري ڀرسان موريا بند تي به 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ مضبوطي وارو ڪم نه ٿيڻ ڪري بند ڪمزور ٿيڻ لڳو آهي، ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد جاگيراڻي ۽ آبپاشي عملدار امجد ڏاوچ جو چوڻ آهي ته دريائي وهڪري جو گس تبديل ٿيڻ ڪري صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي چڪي آهي.

هڪڙا بند کي درياهي پاڻي تيزي سان پائڻ لڳو آهي، جنهن کانپوءِ آبپاشي کاتي پاران ايمرجنسي لاڳو ڪري مضبوطي وارو ڪم شروع ڪيو آهي.

ايڪسيئن منير احمد  جو چوڻ آهي ته هڪڙا بند کي 2 هزار ڊيگهه تائين درياهي پاڻي پائي ويو آهي، جتي پٿرن جا اسپرٽ ٺاهي مضبوطي وارو ڪم جاري آهي.

نئون ديرو ويجهو موريا بند جو به 2010ع واري ٻوڏ کانپوءِ مضبوطي وارو ڪم نه ٿيڻ ڪري ڳوٺ بچل ڀٽو وٽان درياهي پاڻي بند کي پائي رهيو آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڊي سي لاڙڪاڻو جاويد جاگيراڻي چيو ته دريائي وهڪري جا گس تبديل ٿيڻ بعد صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي.

هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ آبپاشي کاتي جا عملدار لاڳيتو رابطي ۾ آهن، صوبائي سرڪار کي به آگاهي ڏني وئي آهي.

آپباشي عملدار امجد ڏاوچ چيو ته بند جي صورتحال تي سندن نظر آهي ۽ مرمت وارو ڪم جاري آهي، خطري جي ڳالهه ناهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*