پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو جنهن کي سيڪيولر بڻجڻ نه ڏينداسين مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته دهشتگردي کي مذهب سان جوڙيو پيو وڃي، پاڪستان اسلام جي نالي تي ٺهيو آهي، جنهن کي هو سيڪيولر بڻجڻ نه ڏيندا.

قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ترميمي بل جي تياري وقت کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ اڄ ٻن وفاقي وزيرن ساڻس ملاقات ڪري خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

هن چيو ته جڏهن جي يو آءِ جو اجلاس جاري هو ته جلدي ۾ ترميمي بل پيش ڪيا ويا ۽ بلز جي منظور وقت به ٻه وزير ساڻن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتا.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته اهڙن بلن سان قوم ورهائجي ويندي ۽ بلز جي حمايت نه ڪري الله تعاليٰ کين گناهه کان بچائي ورتو آهي.

مولانا فضل الرحمان چيو ته دهشتگردي دهشتگردي هوندي آهي اها مذهبي يا غير مذهبي ناهي هوندي ۽ قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ صف ۾ بيهڻ چاهي ٿي.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته دهشتگردي ۽ مذهب کي هڪ ٻئي سان ملايو پيو وڃي پاڪستان اسلامي ملڪ آهي جنهن کي سيڪيولر بڻجڻ نه ڏينداسين.

مولانا فضل الرحمان چيو ته ايندڙ حڪمت عملي لاءِ مذهبي پارٽين جو اجلاس گهرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*