قومي ٽيم جي بيٽسمينن جي غير زميواراڻا بيٽنگ سبب انگلينڊ چار ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 141رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي

England-Wining-Match-8816

قومي ٽيم جي بيٽسمينن جي غير زميواراڻا بيٽنگ سبب انگلينڊ چار ٽِيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 141رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ايجبسٽن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏي ويل ٽِين ٽيسٽ ميچز جي پهرين مصباح الحق ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

انگلش ٽيم نوجوان فاسٽ بالر سهيل خان جي بالنگ آڏو بيوس نظر آهي ۽ پوري ٽيم 297رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿي وئي.

انگلش ٽيم پاران گري بيلنس 70، معين علي 63، اليسٽرڪڪِ 45۽ جيمز وينس 39رنز جي اننگ کيڏي.

قومي ٽيم پاران سهيل خان 5، محمد عامر ۽راحت علي ٻه-ٻه ،جڏهن ته ياسر شاهه هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي ٽيم اظهر علي جي 139، سميع اسلم جي 82 ۽ ڪپتان مصباح الحق جي 56رنز جي اننگ سبب 400رنز اسڪور ڪيون ۽ اهڙي طرح کين انگلينڊ خلاف 103رنز جي برتري حاصل ٿي.

انگلينڊ جي ٽيم پاران اسٽيورٽ براڊ ۽ڪرس ووڪس 3-3، جڏهن ته جيمز اينڊرسن ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

انگلش ٽيم جي بيٽسمينن ٻي اننگ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ اوپنرز 126رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي.

انگلينڊ جي ڪپتان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 445رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪليئر ڪئي ۽ پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 343رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

انگلش ٽيم جي ٻي اننگ ۾ بيئراسٽو 83، معين علي 86، اليسٽرڪڪِ66، جوِءِ روٽ 62، ايلڪس هيلز 54رنز اسڪور ڪري نمايا بيٽسمين رهيا.

قومي ٽيم پاران محمد عامر،سهيل خان ۽ياسرشاهه ٻه-ٻه، وڪيٽون حاصل ڪيون.

قومي ٽيم 343رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 70 ڏهائي 5 اوورس ۾ 201رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ سميع اسلم 70، اظهر علي 38، سهيل خان 36، حفيظ ٻه، يونس خان چار، مصباح الحق ڏهه،اسد شفيق ۽سرفراز احمد ڪابه رنز اسڪور نه ڪئي.

انگلينڊ جي ٽيم پاران جيمز اينڊرسن، اسٽيورٽ براڊ، ڪرس ووڪس، اسٽيون فن ۽معين علي ٻه-ٻه وڪيِٽون حاصل ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

معين علي کي بهترين آلرائونڊ ڪارڪردگي جومظاهروڪرڻ تي مين آف دي مين  جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*