ڪراچي جي ڊفينس فيز ون ۾ گولڊ مارڪ شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ واقعي جي متاثر دڪاندارن ڌرڻو هڻي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو

Defance-Gold-Mark-Protest-8816

ڪراچي جي ڊفينس فيز ون ۾ گولڊ مارڪ شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ واقعي جي متاثر دڪاندارن ڌرڻو هڻي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شاپنگ سينٽر کي باهه لڳڻ واري واقعي کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا طرفان ساڻن ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي مالي سهائتا ڪئي وئي آهي.

3 ڏينهن اڳ ڊفينس فيز ون ۾ گولڊ مارڪ شاپنگ سينٽر کي اوچتو باهه لڳڻ سبب ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڪپڙو سڙي رک ٿي ويو هو.

متاثر دڪاندارن شاپنگ سينٽر سامهون ڊفينس موڙ وٽ ڪورنگي روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهه ڏني ۽ گاڏين تي پٿراءُ ڪيو، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته رات جي وقت شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳي پر فائر برگيڊ وقت سر نه پهچڻ ڪري سندن ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڪپڙو سڙي رک ٿي ويو.

هنن چيو ته واقعي کي 3 ڏينهن گذري چڪا آهن پر انتظاميا جو ڪوبه نمائندو وٽن لڙي نه آيو، جنهن سبب منجهن مايوسي پکڙيل آهي.

دڪاندارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٿيل نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو ته ڌرڻو جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*